عشرت علي خان

عشرت علي خان

عشرت علي خان

عشرت علي خان: نامور اديب، محقق، براڊڪاسٽر عشرت علي خان ولد رفعت علي خان حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي، بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي آهي. عشرت علي مشهور ريڊيو ڪمپيئر، رانديگر پڻ آهي. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي براڊڪاسٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هينئر به ريڊيو سان واڳيل آهي. هن ريڊيو لاءِ ڪيترائي ڊراما، پي. ٽي. وي لاءِ ڊراما سيريز، ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن. جن ڏسندڙن ۾ بيحد مقبوليت ماڻي آهي. هي ريڊيو آرٽسٽ ايسوسيئيشن جو چيئرمئن، ادراڪ ادبي ۽ ثقافتي تنظيم جو ميمبر، سيڪريٽري رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ عيش و عشرت (مزاحيه مضمون: اردوحيدرآباد (تحقيق: اردو)، ريت پر بوند (ڪهاڻيون)، تمثيل (ڊرامي جي تاريخريڊيو پاڪستان حيدرآباد وغيره قابل ذڪر آهن. هي حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


لفظ عشرت علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو